سچل جون واديون

سچل جون واديون

سچل جون واديون

سچل جون واديون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سچل سرمست جي زندگيءَ بابت لکيل اهم ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ۽ هند جي اديب، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي ايم. فل جي تحقيقي مقالي تي مشتمل آهي. هن مقالي جو موضوع حضرت سچل سرمست جي زندگي ۽ ڪلام آهي. هيءَ تحقيقي ٿيسز فاضل ليکڪ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ 1985ع ۾ پيش ڪئي هئي، جنهن جو گائيڊ (رهبر) پروفيسر رام پنجواڻي هو. ڪتاب جا ابتدائي ٻه اکر، پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ تحرير ڪيا آهن ۽ مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي. ڪتاب ۾ حضرت سچل سرمست جي سوانح حيات ڏيڻ سان گڏ سچل سرمست جي فلسفي جو ڇيد ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ هيٺيان عنوان شامل آهن: سوانح حيات، سچل جون واديون، طلب، حسن و عشق، وحدانيت، حيرت، معرفت، پاڻ سڃاڻڻ، سرمستي - بيپرواهي، فنا ۽ بقا.
ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ٻلديو مٽلاڻيءَ جي تصوير سان گڏ نامور نقاد هيري ٺڪر جا هٿ اکري تاثرات ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”هي ڪتاب هڪ آجيان جوڳي ڪوشش آهي. ٻلديو اهو محسوس ڪيو ته سنڌيءَ ۾ شاعرن جي انهن جي وقت جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي پسمنظر ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش تمام گهٽ ٿيل آهي ۽ سچل سائينءَ جي حالت ۾ به تهائين گهٽ. ان ضرورت کان محرڪ ٿي، هن سچل سائينءَ جي ڪلام تي تحقيق جي ڪم ۾ هٿ وڌو آهي ۽ وڏيءَ ڌنُ ۽ ڌيان سان هي ڪتاب لکيو آهي. سندس تحقيق جو موضوع به نئون نرالو آهي، جنهن ۾ سچل جي فڪر جي مختلف راوين تي روشني وڌي وئي آهي.“
ڊيمي سائيز جي 130 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت چاليهه روپيا آهي، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد، 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ سچل جون واديونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو